جي ماريا نه موت

جي ماريا نه موت

جي ماريا نه موت

جي ماريا نه موت (ڪتاب): هي ويٽنامي ناول، نامور سنڌي اديب ۽ شاعر تنوير عباسيءَ جو ترجمو ڪيل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو ’سنڌي عوامي ڪتاب گهر‘ ڇپايو هو، جڏهن ته اُن جو ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون ڇاپو ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرا ٿيا. هن ناول ۾ هڪ ويٽنامي جوڌي نگوين وان تروئيءَ جي حياتيءَ جو داستان آهي، جنهن پنهنجي وطن جي پاڪ سرزمين تان قابض آمريڪي سامراج کي لوڌي ڪڍڻ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو هو. هن گوريلا طرز تي آمريڪين خلاف جنگ جوٽي هئي. هن ناول جي سنڌي ترجمي تي ’پنهنجي پاران‘ جنرل ايڊيٽر طور نامور نقاد ۽ دانشور رسول بخش پليجي نوٽ لکيو آهي. هن ڪتاب جي چوٿين ڇاپي جي اشاعت جو سال مارچ 1987ع آهي ۽ ڪرائون سائيز جي 144 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 10 روپيا رکي وئي آهي.


لفظ جي ماريا نه موتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو